بيجنگ- 10 آگسٽ (اي پي پي) چين جي اوڀر واري صوبي زي جيانگ ۾ سال جو 13 هون سامونڊي طوفان ”ڊولفن“ يويي ڇنگ شهر سان ٻيون ڀيرو ٽڪرائجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسميات جي قومي کاتي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته طوفان جي مرڪز ويجهو هوا جي رفتار 38 ميٽر في سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا هوا جي شدت جي پيماني تي 13 هين درجي برابر آهي. …
چين ۾ سال جو 13 هون سامونڊي طوفان اوڀر واري صوبي زي جيانگ جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويو

مزید خبریں
بيجنگ- 10 آگسٽ (اي پي پي) چين جي اوڀر واري صوبي زي جيانگ ۾ سال جو 13 هون سامونڊي طوفان ”ڊولفن“ يويي ڇنگ شهر سان ٻيون ڀيرو ٽڪرائجي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسميات جي قومي کاتي پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته طوفان جي مرڪز ويجهو هوا جي رفتار 38 ميٽر في سيڪنڊ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا هوا جي شدت جي پيماني تي 13 هين درجي برابر آهي. طوفان ان کان اڳ زي جيانگ جي تائي زو شهر جي يوي هوان علائقي ۾ آچر جي شام 5 لڳي 30 منٽن تي پهريون ڀيرو ٽڪرايو، جتي طوفان جي مرڪز ويجهو وڌ کان وڌ مسلسل هوائن جي رفتار 14 هين درجي تائين پهچي وئي هئي. طوفان سبب زي جيانگ جي گادي واري شهر هانگ زو شياوشان بين الاقوامي اڏي تي ايندڙ ۽ ويندڙ 388 اڏامون رد ڪيون ويون آهن. موسميات جي قومي کاتي متاثر علائقن جي مقامي اختيارين کي شديد برساتن جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.











