فيفا جي صدر پنهنجين غلطين تي معافي گهري ورتي، شديد تنقيد باوجود فيفا صدر برقرار رهندو

رباط- 06 آگسٽ (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم (فيفا) جي صدر جياني انفينٽينو فٽبال ميچن جا ڪاروباري حق نجي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ جي تڪراري منصوبي تي شديد تنقيد بعد پنهنجي غلطين تي معافي گهري ورتي آهي، پر هو پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رباط ۾ فيفا جي آفريقي آفيس ۾ طلب ڪيل هڪ هنگامي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان مطابق مينيجمينٽ بورڊ جياني انفينٽينو …

رباط- 06 آگسٽ (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم (فيفا) جي صدر جياني انفينٽينو فٽبال ميچن جا ڪاروباري حق نجي سيڙپڪارن کي وڪرو ڪرڻ جي تڪراري منصوبي تي شديد تنقيد بعد پنهنجي غلطين تي معافي گهري ورتي آهي، پر هو پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق رباط ۾ فيفا جي آفريقي آفيس ۾ طلب ڪيل هڪ هنگامي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان مطابق مينيجمينٽ بورڊ جياني انفينٽينو جي صدر طور مڪمل حمايت جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. جياني انفينٽينو ۽ سيڪريٽري جنرل ماتياس گرافسٽرائوم فيفا جي سمورن 211 ميمبر ايسو سي ايشنز کي هڪ خط به لکيو آهي جنهن ۾ هنن منصوبي جي طريقي ڪار تي معذرت ڪئي ۽ ٻيهر اهڙيون غلطيون نه ورجائڻ جو عهد ڪيو. واضح رهي ته فيفا صدر فيفا فارورڊ انٽرپرائز جي نالي سان نجي سيڙپڪاري جو منصوبو ٺاهيو هو.

مزید خبریں