لندن-06 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي مشهور هيوي ويٽ باڪسر جوزف پارڪر کي ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جي اجازت ملي وئي آهي ۽ مٿس عارضي لڳايل پابندي ختم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 34 سالن جي باڪسر جوزف پارڪر کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ لنڊن ۾ ڪوڪين جي مثبت ڊوپنگ ٽيسٽ بعد کيس معطل ڪيو ويو هو پر هاڻي انويسٽيگيشن مڪمل ٿيڻ بعد برٽش باڪسنگ بورڊ آف ڪنٽرول …
عارضي لڳايل پابند ختم، نيوزيلينڊ جو باڪسر جوزف پارڪر هاڻي ٻيهر رنگ ۾ باڪسنگ کيڏي سگهندو

مزید خبریں
لندن-06 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي مشهور هيوي ويٽ باڪسر جوزف پارڪر کي ٻيهر رنگ ۾ لهڻ جي اجازت ملي وئي آهي ۽ مٿس عارضي لڳايل پابندي ختم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 34 سالن جي باڪسر جوزف پارڪر کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ لنڊن ۾ ڪوڪين جي مثبت ڊوپنگ ٽيسٽ بعد کيس معطل ڪيو ويو هو پر هاڻي انويسٽيگيشن مڪمل ٿيڻ بعد برٽش باڪسنگ بورڊ آف ڪنٽرول ان تان پابندي ختم ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. جوزف پارڪر جي ٽيم جو موقف هو ته اهو نتيجو ڪنهن غذائي گدلاڻ سبب سامهون آيو آهي ۽ هو مڪمل طورتي بي قصور آهي. جوزف پارڪر پنهنجي بيان ۾ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته سندس عارضي معطلي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هو جلد رنگ ۾ واپسي ڪندو جڏهن ته قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين وڌيڪ تبصرو نه ڪندو. هن پنهنجي مداحن جو به شڪريه ادا ڪيو . واضع رهي ته گذريل سال آڪٽوبر ۾ لنڊن ۾ ٿيل مقابلي ۾ فيبووارڊلي 11 هين رائونڊ ۾ جوزف پارڪر کي ناڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو هو.











