اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪا جي واپاري نمائندي (يو ايس ٽريڊ) سفير جيميسن گريئر ورچوئل ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي لاءِ جاري ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻني واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل تازين ملاقاتن جو حوالو …
ناڻي واري وفاقي وزير سان آمريڪي واپاري نمائندن جي ورچوئل ملاقات، گڏيل واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان آمريڪا جي واپاري نمائندي (يو ايس ٽريڊ) سفير جيميسن گريئر ورچوئل ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفه واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي لاءِ جاري ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻني واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل تازين ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ڳالهين وارين ٽيمن طرفان حاصل ٿيل اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ ڳالهين دوران ٻنهي ڌرين جي هاڪاري ۽ تعميري تعاون واري انداز جي تعريف ڪئي وئي. ٻنهي پاران ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته ڄاڻايل گڏيل واپاري فريم سان لاڳاپيل ڳالهين ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو ته معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي اقتصادي ترجيحن کي نظر ۾ رکندي ڳالهين جي رفتار براقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته آمريڪا سان واپاري ۽ سيرپڪاري تي ٻڌل مضبوط شراڪتداري پاڪستان جي روانگي واپار تي ٻڌل معاشي حڪمت عملي کي سگهه ڏيندي، معيشت کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن لاءِ نوان واپاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪندي. هن آمريڪا جي ايڪسپورٽ امپورٽ بيئنڪ (ايگزم بئنڪ) سان ٻه طرفه واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل تعاون جي اهميت به اجاگر ڪئي. سفير جيميسن گريئر ڳالهين واري عمل ۾ پاڪستان جي مسلسل ۽ هاڪاري شموليت جي تعريف ڪندي پورهيتن جي حقن ۽ ريگيوليٽري سڌارن، خاص ڪري جبري پورهئي جي روڪٿام بابت قدمن ۾ ٿيل اڳڀرائي جي تعريف ڪئي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪا ٻه طرفه واپاري ڳالهين جي هاڪاري اڳڀرائي کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اعتماد ظاهر ڪيو ته باقي رهيل معاملا به فني سطح تي مسلسل رابطن ذريعي جلد طئي ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير اڳڀرائي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ فني سطح تي ڳالهين ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.ڌرين هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو آظهار ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڄاڻايل گڏيل واپاري فريم جي باقي رهيل نقطن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ بازقاعده رابطا جاري رکيا ويندا ته جيئن پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻي اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي سيڪريٽري جاويد پال ۽ آمريڪي واپاري نمائندي (يو ايس ٽي آر) جي آفيس جي سينئر اختيارين به شرڪت ڪئي.










