ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي رد ڪري ڄمون ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت کي غيرقانني طور تي ختم ڪيو: سردار اياز صادق

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي  جي غيرقانوني طور رد ڪرڻ ذريعي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ سڃاڻپ کي پائمال ڪيو ويو. اها ڳالهه هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري پيغام ۾ چئي. هن ڪشميري …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي  جي غيرقانوني طور رد ڪرڻ ذريعي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ سڃاڻپ کي پائمال ڪيو ويو. اها ڳالهه هن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري پيغام ۾ چئي. هن ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته هر علائقائي ۽ عالمي پليٽ فارم تي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي حمايت ۽ انهن جي خوداراديت واري حق لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. سردار اياز صادق چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي بنيادي خوداراديت واري حق، آزادي ۽ سڃاڻپ جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. جن کي پاڪستاني قوم قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي. اسپيڪر ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سندن منصفاڻي جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي جائز حقن ۽ خوداراديت وارو حاق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي پختي عزم جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست گذريل 78 سالن دوران ملڪ اندر موجود سمورن سياسي اختلافن باوجود ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قومي يڪجهتي ڪشميري عوام جي جدوجهد لاءِ هميشه مضبوط هصار ۽ انهن جي حوصلي جو سر چشمو رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته موجوده نازڪ عالمي حالتون ان ڳالهه جون گهرجائو آهن ته پاڪستاني قوم  پنهنجي صفن ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط بنائي. هن واضح ڪيو ته ڀارت جا اهي غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهن. اسپيڪر چيو ته ڄمون ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن عالمي برادري تي به زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين، آبادي جي شرح ۾ تبديلي جي ڪوششن ۽ ڪشميري قيادت تي لڳايل پابندين جو فوري نوٽيس وٺي. هن چڍيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ سدائين ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪئي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪسمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪيترائي گڏيل ٺهراءَ منظور ڪري عالمي برادري جو ڌيان ان پراڻي تڪرار ڏانهن ڇڪايو آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر  سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو ته ڄمون ڪشمير جو تڪرار اڄ به گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻو ۽ حل طلب مسئلو آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي ڀارتي آئين مان غيرقانوني طور رد ڪرڻ فاشسٽ ۽ انتهائي مذمت جوڳا قدم آهن.  هن چيو ته ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن  کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي بنيادي حقن ۽ خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ بي مثال استقامت ۽ قربانين جو مظاهرو ڪيو آهي جن کي پوري پاڪستاني قومي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڪشميري عوام سان گڏ پنهنجي پختي يڪجهتي  جو ورجاءُ ڪري ٿي ۽ سندن خوداراديت حاصل ڪرڻ تائين حمايت جاري رکندي.

مزید خبریں