اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پوليس جي شهيدن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي، امن جي قيام ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لازاول قربانيون ڏنيون آهن . انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پوليس جي شهيدن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي …
پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خاتمي، امن جي قيام ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن: سردار اياز صادق
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پوليس جي شهيدن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي، امن جي قيام ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لازاول قربانيون ڏنيون آهن . انهن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پوليس جي شهيدن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو . هن چيو ته سموري قوم پوليس جي شهيدن جي جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي کي سلام پيش ڪري ٿي . امن جي قيام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن. اسپيڪر چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم لاءِ انتهائي اهم آهن. پوليس فورس جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. پوليس فورس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر پهرين جٿي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته شهيدن جي وارثن کي سلام پيش ڪيان ٿو . اسپيڪر الله تعالى کان شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ به دعا ڪئي.











