مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين جشنِ آزادي ملهائڻ واريون تقريبون جاري

حيدرآباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين جشنِ آزادي ملهائڻ وارين تقريبن جو آغاز ٿي چڪو آهي. ان ڏس ۾ يونيورسٽيءَ جي مک عمارتن توڻي مک دروازن کي قومي جهنڊن ۽ روشنين سان سينگاريو ويو آهي. جڏهن ته پهرين کان 14 آگسٽ تائين مختلف تقريبون ۽ تقريري مقابلا پڻ پيش ڪيا ويندا، جن ۾ پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ تي روشني …

حيدرآباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين جشنِ آزادي ملهائڻ وارين تقريبن جو آغاز ٿي چڪو آهي. ان ڏس ۾ يونيورسٽيءَ جي مک عمارتن توڻي مک دروازن کي قومي جهنڊن ۽ روشنين سان سينگاريو ويو آهي. جڏهن ته پهرين کان 14 آگسٽ تائين مختلف تقريبون ۽ تقريري مقابلا پڻ پيش ڪيا ويندا، جن ۾ پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ تي روشني وڌي ويندي. گذريل ڏينهن انهن تقريبن جي سلسلي ۾ مک لائبريريءَ جي ڀر ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي. رجسٽرار مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادي ۽ ٻين استادن ۽ آفيسرن ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته جشن آزادي جي تقريبن جي حوالي سان اربع تي وائيس چانسلر جي صدارت ۾ هڪ خصوصي گڏجاڻي پڻ رکي وئي آهي.