اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو اڱاري ڏينهن 4 آگسٽ تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ملڪ لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ عظيم سپوتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. تفصيل مطابق دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه ڀرپور نموني پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون آهن. پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجون حياتيون قربان ڪري …
پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پوليس جي شهيدن جو ڏهاڙو اڱاري ڏينهن 4 آگسٽ تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ملڪ لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ عظيم سپوتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي. تفصيل مطابق دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه ڀرپور نموني پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون آهن. پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجون حياتيون قربان ڪري قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن ڪيو آهي. فرض جي راهه ۾ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پوليس جي شهيدن جي ياد ۾ سڄي ملڪ ۾ تقريبون منعقد ڪيون ويون. پوليس جي شهيدن جي قربانين جي اعتراف ۾ صدر مملڪت، وفاقي وزيرن، فوجي آفيسرن ۽ صوبائي پوليس جي سربراهن پاران کين خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ملڪل جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پوليس جي چست جٿن پوليس جي شهيدن جي مزارن تي سلامي پيش ڪئي ۽ قبرن تي گل رکيا. چئني صوبن ۾ پوليس جي اعليٰ آفيسرن شهيدن جي وارثن سان ملاقاتون ڪري انهن ۾ تحفه ورهايا. پوليس جي شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه آهن.











