ناڪ آئوٽ ٿيڻ بعد آئرلينڊ جو باڪسر لي ريوز ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

ڊبلن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آئرلينڊ جي باڪسر لي ريوز کي ڊبلن ۾ ٿيل هڪ مقابلي جي 10 هين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ٿيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 31 ورهين جو آئرلينڊ جو باڪسر لي ريوز راند دوران گيري ڪلي خلاف ميچ جي 10 هين رائونڊ ۾ 2 ڀيرا هيٺ ڪري پيو. ٻيو ڀيرو هيٺ ڪري پوڻ تي هو ٻيهر …

ڊبلن- 04 آگسٽ (اي پي پي) آئرلينڊ جي باڪسر لي ريوز کي ڊبلن ۾ ٿيل هڪ مقابلي جي 10 هين رائونڊ ۾ ناڪ آئوٽ ٿيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 31 ورهين جو آئرلينڊ جو باڪسر لي ريوز راند دوران گيري ڪلي خلاف ميچ جي 10 هين رائونڊ ۾ 2 ڀيرا هيٺ ڪري پيو. ٻيو ڀيرو هيٺ ڪري پوڻ تي هو ٻيهر اٿي نه سگهيو جنهن بعد کيس اسٽريچر تي رنگ مان ٻاهر فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اهو مقابلو ڊبلن جي 3 ايرينا ۾ منعقد وڏي فائيٽ ايونٽ جو حصو هو.