لنڊن- 04 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي سينيئر مڊ فيلڊر جارڊن هينڊرسن برينٽ فورڊ سان معاهدو گڏيل رضامندي سان ختم ٿيڻ بعد چيلسي ۾ ايندڙ 2 سالن لاءِ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق چيلسي ان معاهدي جي باضابط تصديق ڪري ڇڏي آهي. ليور پول جي اڳوڻي ڪپتان جنهن جي قيادت ۾ ڪلب پريميئر ليگ ۽ چيمپئينز ليگ سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا، نئين مينيجر زابي الونسو …
انگلينڊ جي فٽبال ٽيم جي مڊفيلڊر جارڊن هينڊرسن جي چيلسي ۾ شموليت، 2 سالن جو معاهدو
لنڊن- 04 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ جي سينيئر مڊ فيلڊر جارڊن هينڊرسن برينٽ فورڊ سان معاهدو گڏيل رضامندي سان ختم ٿيڻ بعد چيلسي ۾ ايندڙ 2 سالن لاءِ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميديا مطابق چيلسي ان معاهدي جي باضابط تصديق ڪري ڇڏي آهي. ليور پول جي اڳوڻي ڪپتان جنهن جي قيادت ۾ ڪلب پريميئر ليگ ۽ چيمپئينز ليگ سميت ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا، نئين مينيجر زابي الونسو جي نگراني ۾ چيلسي جو حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. چيلسي ۾ شموليت تي هينڊرسن چيو ته ڪلب جو وقار، ڪوچ زابي الونسو جي قيادت ۽ ٽيم جو معيار سندس فيصلي جو وڏو سبب آهي. سندس چوڻ هو ته ميدان جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان. جارڊن هينڊرسن انگلينڊ طرفان 91 عالمي ميچون کيڏيون ۽ هو 4 مختلف ورلڊ ڪپ ميچن ۾ حصو وٺندڙ پهريون انگلش رانديگر به آهي. گذريل سيزن ۾ پريمئير ليگ ۾ 10 هين نمبر تي رهندڙ چيلسي هن سمر ٽرانسفر ونڊو ۾ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي. جارڊن هينڊرسن هلندڙ سيزن ۾ ڪلب سان لاڳاپيل 10 هون رانديگر بڻجي ويو آهي. ان کان علاوه چيلسي مورگن روجرز، ڊيني ويلبيڪ، ويلنٽائن بارڪو ۽ ميڪسنز لاڪروڪس جهڙن اهم رانديگرن کي به پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو آهي.












