اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۾ اڱاري ڏينهن ملاقات ٿي، جنهن ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي منصوبي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي ملاقات
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۾ اڱاري ڏينهن ملاقات ٿي، جنهن ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) کي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي منصوبي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي وي جي نئين سر جوڙجڪ واري منصوبي جي تڪميل لاءِ پي ايس ڊي پي تحت منصوبابندي واري وزارت جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ راندين جي عالمي مُقابلن جي سڌي سنئين نشريات لاءِ مقامي نشرياتي بنيادي ڍانچو تمام گهڻو ضروري آهي ڇو ته هن وقت اوبي وينز اسلام آباد کان مان موڪلڻيون پونديون آهن، جنهن سان خرچن ۽ انتظامي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي جي ماسٽر ڪنٽرول رومز (ايم سي آرز) کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن قومي نشرياتي ادارو عالمي معيار جُون نشريات جُون سهولتون فراهم ڪري سگهي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان ٽيليويزن هڪ قومي اثاثو آهي ۽ حڪومت ان جي بحالي ۽ ان کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته پي ٽي وي سدائين قومي سڃاڻپ، ثقافتي قدرن ۽ قومي اتحاد جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن لاءِ ان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ملاقات ۾، پي ٽي وي جي صلاحيت وڌائڻ، نشرياتي انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ قومي نشرياتي نظام کي جديد خطن تي رُخن تي هلائڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پُڻ اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل پُڻ موجُود هو.











