پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت ۾ پي ايس ايل انتظاميه ۽ فرنچائيز مالڪن جو اجلاس، يارهين سيزن جي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ

 لاهور-31 جولاءِ(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين  محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) انتظاميه ۽ فرنچائيز مالڪن جو اهم اجلاس جمعي ڏينهن منعقد ٿيو جنهن ۾ ايندڙ سيزن جي تيارين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي ايس ايل 11 لاءِ ونڊو پليئنگ ڪنڊيشنز، ڊائريڪٽ سائننگز ۽ رانديگرن جي رٽينشنز بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. …

 لاهور-31 جولاءِ(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين  محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) انتظاميه ۽ فرنچائيز مالڪن جو اهم اجلاس جمعي ڏينهن منعقد ٿيو جنهن ۾ ايندڙ سيزن جي تيارين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي ايس ايل 11 لاءِ ونڊو پليئنگ ڪنڊيشنز، ڊائريڪٽ سائننگز ۽ رانديگرن جي رٽينشنز بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته انهن معاملن تي جلد ورڪشاپس منعقد ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ سيزن جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ يارهين سيزن ۾ معتارف ٿيندڙ تبديلين تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته پي ايس ايل 11 جي 44 ميچن ۾ ڪرڪيٽ جي معيار ۽ انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو. پي سي بي موجب ايڇ بي ايل پي ايس ايل 11 کي سوشل ميڊيا اسٽريمنگ پليٽ فارمز ۽ ٽي وي تي ريڪارڊ ويوئر شپ حاصل ٿي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن مشڪل حالتن ۾ ليگ ڪامياب نموني منعقد ڪرڻ تي پي سي بي محسن نقوي ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي. اجلاس ۾ آف سيزن ۽ پري سيزن دوران ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ مختلف سرگرمين جي منعقد ٿيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ پي ايس ايل ۽ سمورن 8 فرنچائيزز جي سهڪار سان ليگ جو آفيشل مرچنڊائز پليٽ فارم لانچ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. ترجمان موجب پي ايس ايل گورننگ ڪائونسل جو اهم اجلاس آگسٽ جي آخري هفتي ۾ منعقد ٿيندو. اجلاس جو وقت ۽ جڳهه جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير پي سي بي جي چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ ، ڊائريڪٽر پي ايس ايل عثمان واهله ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.