پاڪستان جي انڊر 21 هاڪي ٽيم پاران پنهنجي پرڏيهي دوري جي شاندار شروعات، 5 ميچن تي ٻَڌل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ عمان جي سينيئر قومي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد - 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي انڊر 21 هاڪي ٽيم پنهنجي پرڏيهي دوري جي شاندار شروعات ڪندي پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ عمان جي سينيئر قومي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ ۾ عبدالله پينلٽي اسٽروڪ تي گول اسڪور ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري جڏهن ته راڻا سميع بهترين فيلڊ گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي کي يقيني بڻايو. اهو مقابلو …

اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي انڊر 21 هاڪي ٽيم پنهنجي پرڏيهي دوري جي شاندار شروعات ڪندي پنجن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مقابلي ۾ عمان جي سينيئر قومي ٽيم کي 2-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ ۾ عبدالله پينلٽي اسٽروڪ تي گول اسڪور ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري جڏهن ته راڻا سميع بهترين فيلڊ گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي کي يقيني بڻايو. اهو مقابلو سخت موسمي حالتن ۾ کيڏيو ويو. راند وقت گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ هو جڏهن ته شديد حبس سبب ان جي شدت 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي. اها ميچ اصل شيڊول تحت رات جو کيڏڻي هئي، پر اوچتو آيل سامونڊي طوفان/واچوڙي سبب مرڪزي گرائونڊ کي شديد نقصان پهتو، جنهن سبب انتظاميا هنگامي بنيادن تي ميچ جو وقت تبديل ڪري ان کي منجهند 4 لڳي 30 منٽن تي متبادل پچ تي منتقل ڪري ڇڏيو. ٻنهي ٽيمن کي تيز اس ۽ شديد گرمي باوجود ميدان ۾ لهڻو پيو. نا مناسب حالتن باوجود پاڪستان انڊر 21 جي رانديگرن بهترين فٽنيس، ڊسيپلين ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو. سينيئر ٽيم خلاف اها ڪاميابي نوجوان رانديگرن جي اعتماد ۾ اضافي ۽ ايندڙ مقابلن جي تيارين جي حوالي سان انتهائي اهم اڳڀرائي قرار ڏني پئي وڃي.