لاهور - 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالرز خرم شهزاد ۽ محمد عباس کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽاروبا ۾ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ دوران آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وئي. آءِ سي سي مطابق خرم شهزاد تي ليول ون جي ڀڃڪڙي سبب ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو جڏهن …
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالرز خرم شهزاد ۽ محمد عباس کي آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سزا
لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالرز خرم شهزاد ۽ محمد عباس کي ويسٽ انڊيز خلاف ٽاروبا ۾ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ دوران آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وئي. آءِ سي سي مطابق خرم شهزاد تي ليول ون جي ڀڃڪڙي سبب ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو جڏهن محمد عباس کي سرڪاري طور تي وارننگ ڏني وئي. ٻنهي رانديگرن جي ڊسيپلينري ريڪارڊ ۾ هڪ، هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ به شامل ڪيو وئي آهي. گذريل 24 مهينن دوران ٻنهي جو اهو پهريون ڊسيپلينري ڏوهه آهي. خرم شهزاد ويسٽ انڊيز جي ٻي اننگز جي 17 هين اوور ۾ شائي هوپ کي آئوٽ ڪرڻ بعد سندس ويجهو وڃي جارحاڻي انداز ۾ جشن ملهايو، جنهن کي بيٽسمين کي چڙ ڏيارڻ برابر قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح محمد عباس آخري وڪيٽ ڪرڻ تي جوميل واريڪن ويجهو پرجوش انداز ۾ جشن ملهايو، جنهن تي ان کي به ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ قرار ڏنو ويو. ٻنهي رانديگرن پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي ميچ ريفري جيف ڪرو پاران تجويز ڪيل سزا قبول ڪري ورتي، جنهن سبب باقاعده ٻڌڻي جي ضرورت پيش نه آئي. آن فيلڊ امپائرز اليڪس وارف، رچرڊ ڪيٽلبرو ۽ ٿرڊ امپائر جي رامن مدناگوپال ٻنهي رانديگرن تي الزام لڳايا هئا.












