روبرٽو مانچيني اٽلي جي فٽبال ٽيم جو ٻيون ڀيرو هيڊ ڪوچ مقرر

روم- 29 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي فٽبال فيڊريشن( ايف آءِ جي سي) جي صدر جيواني مالاگو، روبرٽو مانچيني کي ٻيهر هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 61 سالن جو روبرٽو مانچيني ان کان اڳ 2018ع کان 2023ع تائين اٽلي جي قومي ٽيم جو ڪوچ هو . سندس نگراني هيٺ ٽيم يو اي ايف يورو 2020ع جو ٽائيٽل کٽيو هيو. ان کانسواءِ هو …

روم- 29 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي فٽبال فيڊريشن( ايف آءِ جي سي) جي صدر جيواني مالاگو، روبرٽو مانچيني کي ٻيهر هيڊ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 61 سالن جو روبرٽو مانچيني ان کان اڳ 2018ع کان 2023ع تائين اٽلي جي قومي ٽيم جو ڪوچ هو . سندس نگراني هيٺ ٽيم يو اي ايف يورو 2020ع جو ٽائيٽل کٽيو هيو. ان کانسواءِ هو سعودي عرب جي قومي ٽيم جو ڪوچ رهيو. هن سال 2026ع جي فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائنگ مرحلي ۾ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا هٿان 2-1 تان شڪست بعد استعفي ڏئي ڇڏي هئي. ان ناڪامي سبب اٽلي جي ٽيم لڳاتار ٽي ڀيرا ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ ناڪام رهي. فيڊريشن جي نئين صدر روما جي اڳوڻي ڪوچ ڪلاڊيو رانيري کي نئون ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي. روبرٽو مانچيني جي ٻي اننگز جي شروعات سيپٽمبر ۾ يو اي ايف اي نيشنز ليگ سان ٿيندي جتي اٽلي جو مقابلو فرانس، بيلجئيم ۽ ترڪيه سان ٿيندو.