فٽ بال ڪلب چيلسي جون تجربيڪار رانديگرن تي نظرون، جارڊن هينڊرسن ۽ ڊيني ويلبيڪ سان ڳالهيون شروع

لنڊن-28 جولاءِ (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي مشهور فٽبال ڪلب چيلسي جون پنهنجي اسڪواڊ ۾ تجربيڪار رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت برينٽ فورڊ جي 36 سالن جي مڊفيلڊر جارڊن هينڊرسن ۽ برائٽن جي 35 سالن جي اسٽرائيڪر ڊيني ويلبيڪ کي سائن ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چيلسي جي انتظاميا ۽ مالڪن پاران نوجوان رانديگرن کي سائن ڪرڻ جي پاليسي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ته جيئن ٽيم ۾ تجربو آڻي سگهجي. ڊيني ويلبيڪ گذريل سيزن …

لنڊن-28 جولاءِ (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي مشهور فٽبال ڪلب چيلسي جون پنهنجي اسڪواڊ ۾ تجربيڪار رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي تحت برينٽ فورڊ جي 36 سالن جي مڊفيلڊر جارڊن هينڊرسن ۽ برائٽن جي 35 سالن جي اسٽرائيڪر ڊيني ويلبيڪ کي سائن ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب چيلسي جي انتظاميا ۽ مالڪن پاران نوجوان رانديگرن کي سائن ڪرڻ جي پاليسي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ته جيئن ٽيم ۾ تجربو آڻي سگهجي. ڊيني ويلبيڪ گذريل سيزن ۾ برائٽن پاران 37 ميچن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 13 گول ڪيا هيا ۽ اسٽيمفورڊ برج ڏانهن منتقل ٿيڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ٻئي طرف برينٽ فورڊ انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان جارڊن هينڊرسن کي مفت منتقلي تي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، جنهن جي معاهدي ۾ هڪ سال باقي آهي. ان سان گڏ چيلسي جي ٽيم ۾ جاري تبديلين سبب مارڪ گيو، نينو جيڪسن ۽ ليام ڊيلاپ جهڙن نوجوان رانديگرن جو ڪلب ڇڏڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. ياد رهي ته چيلسي تازو ئي مورگن راجرز کي 117 ملين پائونڊ جي نئين رڪارڊ معاوضي تي شامل ڪيو آهي. اي