ڍاڪا-28 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) آسٽريليا خلاف کيڏجندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ هيستائين ڪا به ٽيسٽ ميچ نه کيڏندڙ فاسٽ بالر مشفق الحسن کي شامل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هي دورو بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ تمام اهم ۽ تاريخي آهي. اها ٽيم 23 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ وڃي رهي آهي. موجوده اسڪواڊ ۾ شامل ڪنهن به رانديگر …
بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم پاران آسٽريليا جو دورو، پهرين ٽيسٽ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان، مشفق الحسن پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل
ڍاڪا-28 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) آسٽريليا خلاف کيڏجندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 15 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ هيستائين ڪا به ٽيسٽ ميچ نه کيڏندڙ فاسٽ بالر مشفق الحسن کي شامل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هي دورو بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ تمام اهم ۽ تاريخي آهي. اها ٽيم 23 سالن کان پوءِ آسٽريليا جي سرزمين تي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ وڃي رهي آهي. موجوده اسڪواڊ ۾ شامل ڪنهن به رانديگر کي ان کان اڳ آسٽريليا ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جو تجربو نه آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي فاسٽ بالنگ اٽيڪ کي اڄڪلهه سنگين مشڪلاتن ۽ سنگين انجريز جهڙا مسئلا درپيش آهن ۽ فاسٽ بالر ناهيد رانا کي زخمي ٿيڻ سبب 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز مان ٻاهر ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سليڪٽرز وٽ محدود آپشن آهن ۽ ان لاءِ مشفق الحسن جو ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو رستو هموار ٿي ويو آهي. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لٽن داس کي به پهرين ٽيسٽ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي پر ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ سندس واپسي جي اميد آهي. ٻئي پاسي کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر شريف اسلام جي به ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ واپسي جي اميد آهي. بنگلاديش جي ٽيم پهرين آگسٽ تي آسٽريليا لاءِ روانو ٿيندي، جتي اها 6 کان 8 آگسٽ تائين ڊارون ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون خلاف ٽن ڏينهن جي وارم اپ ميچ کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 13 آگسٽ کان ڊارون ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 22 آگسٽ کان ميڪي جي گريٽ بيريئر ريف ارينا ۾ شروع ٿيندي. پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ بنگلاديش جي اسڪواڊ ۾ نجم الحسن شانٽو(ڪپتان)، سوميا سرڪار، شادمان اسلام، تنزيد حسن تميم، مومن الحق، مشفق الرحيم، اميت حسن، ذاڪر علي انڪ، مهدي حسن معراج (نائب ڪپتان)، تجمل اسلام، تسڪين احمد، حسن محمود، سيد خالد احمد، عبادت حسين چوڌري ۽ مشفق حسن شامل آهن.












