اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي قومي هاڪي ٽيم پاڪستان خلاف 4 ميچن جي (ايف آءِ ايڇ)کان منظور ٿيل عالمي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. هي دورو پاڪستان هاڪي لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي ڇاڪاڻ ته اهو تقريبن 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي هاڪي ٽيم باضابطه طور تي ٻه طرفي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. هي دورو …
ڏکڻ ڪوريا جي قومي هاڪي ٽيم پاڪستان خلاف 4 ميچن جي (ايف آءِ ايڇ)کان منظور ٿيل عالمي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جي قومي هاڪي ٽيم پاڪستان خلاف 4 ميچن جي (ايف آءِ ايڇ)کان منظور ٿيل عالمي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي آهي. هي دورو پاڪستان هاڪي لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي ڇاڪاڻ ته اهو تقريبن 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪنهن عالمي هاڪي ٽيم باضابطه طور تي ٻه طرفي سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. هي دورو محفوظ ۽ پيشيوراڻي ماحول ۾ عالمي معيار جي راندين جي ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ جي صلاحيت تي وڌندڙ اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ( ايف آءِ ايڇ )منظور ٿيل 4 ٽيسٽ ميچون 30 جولاءِ، 2 آگسٽ، 4 آگسٽ ۽ 7 آگسٽ 2026ع تي اسلام آباد ۾ کيڏيون وينديون. اها سيريز ٻنهي ٽيمن کي عالمي سطح تي بهترين عالمي تجربو فراهم ڪندي ۽ ايندڙ وڏن عالمي مقابلن لاءِ پاڪستان جي تيارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني مهمان ٽيم جو استقبال ڪيو ۽ هن دوري کي پاڪستان ۾ عالمي هاڪي جي بحالي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته هي پاڪستان هاڪي لاءِ فخر جوڳو يادگار موقعو آهي. تقريبن ٻن ڏهاڪن کان پوءِ، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي هوم گرائونڊ تي هڪ عالمي ٽيم جو استقبال ڪري رهيا آهيون. اسان ڏکڻ ڪوريا جي قومي هاڪي ٽيم کي خوش آمديد ڪيون ٿا ۽ پراعتماد آهيون ته اها سيريز ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ معياري عالمي هاڪي کي هٿي ڏيندي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن، پاڪستان حڪومت، لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن ۽ سڀني ڀائيوارن جو شڪريو ادا ڪري ٿي جن جي مدد سان هن تاريخي دورو کي ممڪن بڻايو ويو آهي. پي ايڇ ايف ملڪ جي هاڪي مداحن کي وڏي انگ ۾ ميچ ڏسڻ ۽ قومي ٽيم جي تعريف ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان عالمي هاڪي جي دنيا ۾ پنهنجي جائي ٻيهر حاصل ڪرڻ طرف هڪ ٻيو اهم قدم کڻي رهيو آهي.












