فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ سڊني لوپس ڪبرال جو ارجنٽائن خلاف ڪيل شاندار گول، ” گول آف دي ٽورنامينٽ “ قرار

جنيوا-28 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنطيم (فيفا) طرفان سال 2026ع جي ورلڊ ڪپ جي بهترين گول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪيپ ورڊي جي رانديگر سڊني لوپس ڪبرال جي ارجنٽائن خلاف ميچ ۾ ڪيل شاندار گول کي ” گول آف دي ٽورنامينٽ “ چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 32 جي ان سنسني خيز مقابلي ۾ مقرر 90 …

جنيوا-28 جولاءِ (اي پي پي) فٽ بال جي عالمي تنطيم (فيفا) طرفان سال 2026ع جي ورلڊ ڪپ جي بهترين گول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪيپ ورڊي جي رانديگر سڊني لوپس ڪبرال جي ارجنٽائن خلاف ميچ ۾ ڪيل شاندار گول کي ” گول آف دي ٽورنامينٽ “ چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فيفا ورلڊ ڪپ جي رائونڊ آف 32 جي ان سنسني خيز مقابلي ۾ مقرر 90 منٽن تائين ٻئي ٽيمون 1-1 تان برابر هيون. اضافي وقت جي 103 هين منٽ ۾ ڪيپ ورڊي جي ليفٽ بيڪ سڊني لوپس ڪبرال کاٻي طرفان بال کي ڪنٽرول ڪندي ارجنٽائن جي اليڪساس ميڪ السٽر کي ڪٽ ڪيو ۽ ساڄي پير سان هڪ خوبصورت ڪرونگ شاٽ ذريعي بال کي گول ڪيپر ايمليانو مارٽينيز جي پهچ کان پري ٽاپ ڪارنر ۾ پهچائي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. فيفا سان ڳالهائيندي سڊني لوپس ڪبرال جو چوڻ هو ته اهو وقت منهنجي لاءِ هڪ خواب وانگر هو. ايتري وڏي اعزاز جو ملڻ هر رانديگر جي خواهش هوندي آهي ۽ مان انهن سمورن ماڻهن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي گول کي ٽورنامينٽ جي بهترين گول جي چونڊ ڪئي. جيتوڻيڪ ان ميچ ۾ ارجنٽائن ڪرسٽيان روميرو جي گول عيوض فتح حاصل ڪري ورتي هئي پر لوپس ڪبرال جو اهو گول مداحن جي دلين تي ڇائجي ويو. ان لسٽ ۾ ازبڪستان لاءِ ايلڊورشو مورودوف جو گول ٻي ۽ هيٽي جي ولسن سيڊور جو گول ٽين نمبر تي رهيو . ان اعزاز سان لوپس ڪبرال، ميڪسي روڊ ريگز، ڊياگوفورلان ، جيمز روڊريگز، بينجمن پاوارڊ ۽ چرليسن جهڙن مشهور فٽ بالرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي.