پي سي بي پاران نيشنل چيمپئنز ڪپ جي شيڊول ۽ 4 ٽيمن جي اسڪواڊز جو اعلان

لاهور- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، نيشنل چيمپئنز ڪپ جي شيڊول ۽ 4 ٽيمن جي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ون ڊي ٽورنامنٽ سان ڊوميسٽڪ سيزن 27-2026ع ۽ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ جي تيارين جي باقاعده شروعات هوندي. ٽورنامينٽ 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، فائنل سميت مجموعي طور تي 7 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون. سموريون ميچون …

لاهور- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، نيشنل چيمپئنز ڪپ جي شيڊول ۽ 4 ٽيمن جي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ون ڊي ٽورنامنٽ سان ڊوميسٽڪ سيزن 27-2026ع ۽ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ جي تيارين جي باقاعده شروعات هوندي. ٽورنامينٽ 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، فائنل سميت مجموعي طور تي 7 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون. سموريون ميچون ڊي اينڊ نائٽ ٻنپهرن 3 وڳي شروع ٿينديون. نيشنل سليڪشن ڪميٽي 11-11 رانديگرن تي ٻڌل 4 ٽيمون جوڙيون آهن، جڏهن ته 13 ريزرو راندگرن جو به اعلان ڪيو ويو آهي. ٽيمن ۾ انجري يا سليڪشن جي صورت ۾ ريزرو رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهندا. ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان گرينز، پاڪستان گولڊ، پاڪستان وائٽس ۽ پاڪستان بلوز جون ٽيمون حصو وٺنديون. شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، صائم ايوب ۽ صاحبزاده فرحان کي ٽيمن جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اعجاز جونيئر، مصباح الحق، اقبال امام ۽ اعزاز چيمه پنهنجي پنهنجي ٽيمن جا هيڊڪوچ هوندا. شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ عبدالصمد، حيدر علي، معاذ صداقت ۽ محمد نواز ميدان ۾ لهندا. صاحبزاده فرحان جي ٽيم ۾ عرفان منهاس، حسن علي، شامل حسين، سفيان مقيم ۽ حسين طلعت شامل آهن. صائم ايوب جي ٽيم ۾ علي رضا، حادث رئوف، حسن نواز، خوشدل شاهه، وسيم جونيئر ۽ عثمان خان شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته شاداب خان جي قيادت ۾ فخر زمان، محمد حسنين، سلمان مرزا، نسيم شاهه ۽ سمير منهاس شامل هوندا. پي سي بي جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو ته انهن ٽورنامينٽس جو مقصد رانديگرن کي وڌ کان وڌ ون ڊي ڪرڪيٽ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي خاص ذميوارين مطابق کيڏندي ايندڙ اهم عالمي ايونٽس، خاص طور تي آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ جي بهتر انداز ۾ تياري ڪري سگهن.

مزید خبریں