لاهور- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان انڊر- 21 هاڪي ٽيم 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ عمان روانو ٿي وئي، جتي هوءَ ميزبان ملڪ جي قومي ٽيم خلاف ميدان ۾ لهندي. پي ايڇ ايف جي ترجمان مطابق هيڊ ڪوچ اولپمين اياز محمود، ڪوچ اولمپئين سمير حسين ۽ ڪوچ اظفر يعقوب به ٽيم سان گڏ آهن. عمان جي دوري دوران پاڪستان انڊر -21 ٽيم پنهنجي ٽيسٽ ميچ 29 جولاءِ، …
پاڪستان انڊر – 21 هاڪي ٽيم 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ عمان روانو ٿي وئي
لاهور- 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان انڊر- 21 هاڪي ٽيم 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ عمان روانو ٿي وئي، جتي هوءَ ميزبان ملڪ جي قومي ٽيم خلاف ميدان ۾ لهندي. پي ايڇ ايف جي ترجمان مطابق هيڊ ڪوچ اولپمين اياز محمود، ڪوچ اولمپئين سمير حسين ۽ ڪوچ اظفر يعقوب به ٽيم سان گڏ آهن. عمان جي دوري دوران پاڪستان انڊر -21 ٽيم پنهنجي ٽيسٽ ميچ 29 جولاءِ، ٻي 31 جولاءِ، ٽين پهرين آگسٽ، چوٿين 2 آگسٽ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 4 آگسٽ تي کيڏي ويندي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني قومي انڊر -21 ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان رانديگرن کي عمان خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت جا موقعا فراهم ڪرڻ جو مقصد انهن جي حوصلا افزائي ۽ عالمي سطح تي تجربو ڏيارڻ آهي. هن چيو ته پرڏيهي ٽيمن خلاف کيڏڻ سان جونيئر رانديگرن جو اعتماد ۽ مورال بلند ٿيندو، جيڪو مستقبل ۾ قومي هاڪي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.












