فيفا عالمي ڪپ دوران گوڏي جي انجري سبب بارسلونا جو فرينڪي ڊي يونگ ايندڙ ڪيترن مهينن تائين ميدان کان ٻاهر رهندو

ميڊرڊ _ 24 جولاءَ (اي پي پي) بارسلونا جي ڊچ مڊ فيلڊر فرينڪي ڊي يونگ جو فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع دوران کاٻي گوڏي جي شديد انجري سبب بارسلونا فٽ بال ڪلب کي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ڪلب ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته انجري سبب هاڻي فرينڪي ڊي يونگ ڪيترن مهينن تائين ميدان کان پري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري بيان ۾ 29 سالن جي ڊي يونگ جي کاٻي گوڏي جي ليگا منٽ (ايم …

ميڊرڊ _ 24 جولاءَ (اي پي پي) بارسلونا جي ڊچ مڊ فيلڊر فرينڪي ڊي يونگ جو فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع دوران کاٻي گوڏي جي شديد انجري سبب بارسلونا فٽ بال ڪلب کي هڪ وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ڪلب ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته انجري سبب هاڻي فرينڪي ڊي يونگ ڪيترن مهينن تائين ميدان کان پري رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاري بيان ۾ 29 سالن جي ڊي يونگ جي کاٻي گوڏي جي ليگا منٽ (ايم سي ايل ) جي اندروني حصي ۾ تڪليف ٿي جيڪا سنگين نوعيت جي آهي. فوري طور تي سرجري بدران طبي عملي جي نگراني هيٺ روايتي علاج جو طريقو اختيار ڪيو ويندو جنهن تحت ايندڙ هفتن ۾ سندس صحت جو جائزو ورتو ويندو، پر آپريشن جي صورت ۾ بحاليءَ جو عمل اٽڪل 4 مهينن تائين جاري رهي سگهي ٿو. رپورٽ مطابق هو 15 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ نئين سيزن جي شروعاتي ڪجهه هفتن ۾ يقيني طور تي ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته قومي ٽيم تي الزام به لڳايو ويو آهي ته انجري باوجود فرينڪي ڊي يونگ کي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏائي سندس مسئلي کي وڌيڪ وڌايو ويو.