فيفا پاران مداحن جي ووٽن سان چونڊيل عالمي ڪپ ڊريم اليون جو اعلان

زيورخ -2 جولاءِ(اي پي پي) انرنيشنل فيڊريشن آف ايسوسي ايشن فٽ بال (فيفا) مداحن جي ووٽن جي بنياد تي چونڊيل عالمي ڪپ ڊريم اليون جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ان ٽيم جي چونڊ سڄي دنيا جي لکين مداحن جي آن لائن ووٽنگ جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ تازو عالمي ڪپ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ دنيا جا پهرين جوڙ جا مشهور رانديگر شامل …

زيورخ -2 جولاءِ(اي پي پي) انرنيشنل فيڊريشن آف ايسوسي ايشن فٽ بال (فيفا) مداحن جي ووٽن جي بنياد تي چونڊيل عالمي ڪپ ڊريم اليون جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب ان ٽيم جي چونڊ سڄي دنيا جي لکين مداحن جي آن لائن ووٽنگ جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ تازو عالمي ڪپ ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ دنيا جا پهرين جوڙ جا مشهور رانديگر شامل آهن. چونڊيل ٽيم ۾ عالمي چيمپئين ٽيم اسپين ۽ فرانس جي ٽيم کي برتري حاصل آهي جڏهن ته ڪيپ ورڊي جي گول ڪيپر وزينه جي شموليت مداحن کي حيران ۽ متاثر ڪيو آهي. دفاعي لائن ۾ اسپين جو پيدروپوررو ۽ مارڪ ڪڪوريا سميت فرانس جو ڊيوٽ اپاميڪانو ۽ ارجنٽائن جو ليسانڊرو مارٽنيز کي شامل ڪيو ويو آهي مڊفيلڊ ۾ اسپين جو روڊري، انگلينڊ جو جوڊ بيلنگهم ۽ فرانس جو مائيڪل اوليسي جاءِ ٺاهي آهي. فارورڊز/ اٽيڪرز ۾ عالمي فٽ بال جي عظيم نالن جو راڄ رهيو جن ۾ ارجنٽائن جو ليجنڊ ليونل ميسي، فرانس جو اسٽار ڪيلين ايمباپي ۽ ناروي جي گول مشين ارلنگ هالينڊ شامل آهن. مداحن پاران چونڊيل 11 رانديگرن ۾ وزينه (ڪيپ ورڊي)، پيڊرو پوررو (اسپين) اپاميڪانو (فرانس)، ليسانڊرو (ارجنٽائن)، مارڪ ڪڪوريا (اسپين) اپاميڪانو(فرانس)، ليسانڊرو(ارجنٽائن)، مارڪ ڪڪوريا (اسپين)، روڊري(اسپين)، مائيڪل اوليسي (فرانس)، جوڊ بيلنگهم(انگلينڊ)، ليونل ميسي (ارجنٽائن)، ڪيلين ايمباپي (فرانس) ۽ ارلنگ هالينڊ (ناروي) شامل آهن.