بيلجئيم جي سائيڪل سوار جيسپر فلپسن ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 17 هون مرحلو کٽي ورتو

پيرس- 23 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي سائيڪلسٽ جيسپر فلپسن ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 17 هون مرحلو کٽي ورتو آهي. دفاعي چيمئين سلوينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر ريس جي 4 اسٽيجز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، هن ٽور ڊي فرانس سائيڪلنگ ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪري پنجون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ لاءِ قدم وڌايو هيو ۽ ريس ليڊر جي پيلي رنگ جي جرسي کي …

پيرس- 23 جولاءِ (اي پي پي) بيلجئيم جي سائيڪلسٽ جيسپر فلپسن ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو 17 هون مرحلو کٽي ورتو آهي. دفاعي چيمئين سلوينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر ريس جي 4 اسٽيجز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، هن ٽور ڊي فرانس سائيڪلنگ ريس جي ڇهين مرحلي ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪري پنجون ڀيرو ٽائيٽل کٽڻ لاءِ قدم وڌايو هيو ۽ ريس ليڊر جي پيلي رنگ جي جرسي کي ٻيهر حاصل ڪيو هيو جيڪو اڃا تائين سندس وٽ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسپين جي شهر بارسلونا مان شروعات  ٿي چڪي آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جا سائيڪلسٽ ٽور ڊي فرانس سائيڪلنگ ريس جو 113 هون ايڊيشن اسپين جي شهر بارسلونا ۾ شروع ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ دنيا جي 23 سائيڪلنگ ٽيمن جا مشهور سائيڪلسٽ ٽائيٽل کٽڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جي 17 هين مرحلي ۾ سائيڪل سوارن کي فرانس ۾ شامبيري کان ووئرون تائين 174.7 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پيو هيو . 28 سالن جي بيلجيم جي سائيڪلسٽ جيسپر فلپسن شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 174.7 ڪلوميٽرن جو مفاصلو 3 ڪلاڪ، 41 منٽ ۽ 13 سيڪنڊن ۾ طئي ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. 26 سالن جو سوئس سائيڪلسٽ مورو شمڊ ٻئي نمبر تي آيو، جڏهن ته 24 سالن جي ڊچ سائيڪلسٽ ڪويج اولاف ٽئين نمبر تي رهيو. يو اي اي امارات جي ٽيم ايڪس آر جي، جي 27 سالن جي سلوينيا جي سائيڪلسٽ تڊيج پوگا آر  ڇهين مرحلي ۾ فتح سان پيلي رنگ جي جرسي تي ٻيهر قبضو ڪيو آهي، جيڪو اڃا تائين سندس وٽ برقرار آهي. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 21 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪلسٽ 3320.7 ڪلوميٽرن جو مفاصلو طعي ڪندا. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس ۾ ٽائيٽل کٽڻ لاءِ 23 ٽيمون ايڪشن ۾ آهن. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس 24 ڏينهن جاري رهڻ کان پوءِ 26 جولائءِ  تي ختم ٿيندي. ٽور ڊي فرانس سائيڪل ريس جو پهريون ايڊيشن پهريون ڀيرو 1903 ع ۾ منعقد ٿيو هو، جيڪو فرانس جي سائيڪلسٽ مورس-فرانسس گارين کٽيو هو.