قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران بنون ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنون ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي تي پنهنجي جاري بيان ۾ هن فتنه الخوارج جي 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين مهارتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جا مڪروه عزم ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ بهادري ساراهه …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنون ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي تي پنهنجي جاري بيان ۾ هن فتنه الخوارج جي 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين مهارتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جا مڪروه عزم ناڪام بڻائيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جرائت ۽ بهادري ساراهه جوڳي آهي. ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون وقت سر ڪارروايون پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم جو مظهر آهن. سيڪيورٽي فورسز جي اها ڪاميابي دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جي عڪاس آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز هميشه جرائت، پيشيوراڻي مهارت ۽ وطن جي دفاع لاءِ پُختي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي. دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهر قوم جو فخر آهن. پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. عزمِ استحڪام تحت دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون.