پاڪ سعودي واپاري لاڳاپا مضبوط بڻائڻ لاءِ ويزن 2030ع اهم سنگ ميل آهي: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا ايمان،اعتماد ۽ گڏيل ترقي جي مضبوط رشتي تي قائم آهن. سعودي ويزن عالمي سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي کي  هٿي ڏيڻ جا نوان دروازا کوليا آهن. جنهن مان پاڪستاني ڪاروباري برادري ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار هن الراعي گروپ جي اهتمام هيٺ اسلام …

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا ايمان،اعتماد ۽ گڏيل ترقي جي مضبوط رشتي تي قائم آهن. سعودي ويزن عالمي سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي کي  هٿي ڏيڻ جا نوان دروازا کوليا آهن. جنهن مان پاڪستاني ڪاروباري برادري ڀرپور فائدو کڻي سگهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار هن الراعي گروپ جي اهتمام هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل سعودي ڪمپني فارميشن ۽ بزنس ايڪسٽينشن سمٽ 2026 ع ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن الراعي گروپ ۽ مملڪت کي شاندار سمٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. سينٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته اها تقريب معاشي رابطن کي بهتر بڻائڻ ۽ گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري کي نئين جدت ڏيڻ جي اهم ڪوشش آهي. هن يقين ڏياريو ته سينٽ ۽ پاڪستان حڪومت معاشي ترقي، روزگار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. الراعي گروپ جي چيئرمين بلال ايم زبير مهمانن جو شڪريه ادا ڪندي سعودي عرب جي ڪاروباري دوست پاليسين تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پرڏيهي ڪمپنين کي 100 سيڪڙو مالڪاڻا حق، آسان بينڪنگ چينلز ۽ گهٽ ۾ گهٽ سيڙپڪاري جي شرح جو بهترين ماحول فراهم ڪري رهيو آهي. هن واضع ڪيو ته پاڪستان جي ڪا به پرائيوٽ لميٽيڊ ڪمپني يا پارٽنرشپ فرم گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال فعال هجڻ جا گهربل دستاويز (سرٽيفيڪٽ آف ان ڪارپوريشن ۽ آڊٽ رپورٽ) فراهم ڪري سعودي عرب جي تيز رفتاري سان ترقي ڪندڙ معيشت جو حصو بڻجي سگهي ٿو. ايف سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرم شيخ نجي شعبي جي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي پاڪ-سعودي واپاري لاڳاپن ۾ الراعي گروپ جي تعميري ڪردار کي ساراهيو، سمٽ ۾ پاڪستان جي مختلف شعبن سان لاڳاپو رکندڙ 12 مشهور ڪمپنين جي سربراهن ۽ سعودي عرب جي الراعي گروپ وچ مفاهمت جي معاهدن (ايم او يوز) تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن تحت اهي ڪمپنيون  سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ۽ پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ڪنديون. سيڙپڪاري جي ان اهم سنگ ميل سان گڏ اها سمٽ ٻنهي برادر ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي واري معاشي لاڳاپن جو مضبوط بنياد ثابت ٿيندي. سمٽ ۾ سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي اعليٰ اختيارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.