انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان سفير معين الحق پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

اسلام آباد _17 جولاءِ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان سفير معين الحق پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. جمعي ڏينهن جاري بيان مطابق معين الحق پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ڪندڙ سفير سهيل محمود جي جڳهه تي ذميواريون سنڀاليندو. معين الحق پنهنجي سفارتڪاري ۽ اعلى سطح جي پاليسي سازي جو وسيع تجربو رکي ٿو. هن اٽڪل 35 سالن تائين …

اسلام آباد _17 جولاءِ (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان سفير معين الحق پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي. جمعي ڏينهن جاري بيان مطابق معين الحق پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ڪندڙ سفير سهيل محمود جي جڳهه تي ذميواريون سنڀاليندو. معين الحق پنهنجي سفارتڪاري ۽ اعلى سطح جي پاليسي سازي جو وسيع تجربو رکي ٿو. هن اٽڪل 35 سالن تائين پاڪستان جي فارين سروس ۾ خدمتون انجام ڏنيون ۽ پرڏيهي وزارت جي هيڊ ڪوارٽرز ۽ پرڏيهه ۾  پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ اهم ذميوارين تي مقرر رهيو. سندس آخري مقرري 2020ع کان 2023ع تائين پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان رهي.  ان کان اڳ هو 2016ع کان 2020ع تائين فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ۽ 2007 ع کان 2010 ع تائين  وينڪوور ڪينڊا ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل طور خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. هن پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (انتظاميه) چيف آف پروٽوڪول، ڊائريڪٽر جنرل (يورپ ) ۽ ڊائريڪٽر (پرڏيهي آفيس سيڪريٽري) سميت ڪيترن ئي اهم عهدن تي فرض انجام ڏنا . پنهنجي سفارتي ڪيريئر جي شروعاتي دور ۾ برسلز، ڪولمبو ۽ انقره ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ مقرر رهيو جڏهن ته هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن لاءِ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ قونصلر طور به خدمتون انجام ڏنيون آهن.