گلگت-17 جولاءِ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير پاڪستان جي ڪنوينر غلام محمد صفي جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد جمعيت علماءِ اسلام گلگت بلتستان جي اڳوڻي امير ۽ موجوده سرپرست اعليٰ مولانا عطا الله شهاب سان ملاقات ڪئي. پريس ريليز موجب وفد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ پرويز احمد، سيد اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، زاهد صفي، شيخ عبدالماجد ۽ زاهد …
حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير پاڪستان جي وفد پاران جي يو آءِ گلگت بلتستان جي اڳوڻي امير مولانا عطا الله شهاب سان ملاقات
گلگت-17 جولاءِ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير پاڪستان جي ڪنوينر غلام محمد صفي جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد جمعيت علماءِ اسلام گلگت بلتستان جي اڳوڻي امير ۽ موجوده سرپرست اعليٰ مولانا عطا الله شهاب سان ملاقات ڪئي. پريس ريليز موجب وفد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ پرويز احمد، سيد اعجاز رحماني، راجا خادم حسين، زاهد صفي، شيخ عبدالماجد ۽ زاهد اشرف شامل هيا. ملاقات دوران ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي تازه صورتحال، ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ، ڀارتي ظلم ۽ 19 جولاءِ جي يوم قرار داد الحاق پاڪستان جي مناسبت سان گلگت ۾ منعقد ٿيندڙ ريلي ۽ ٻين تقريبن جي حوالي سان تفصلي ڳالهه ٻولهه وئي وئي. وفد مولانا عطا الله شهاب کي 19 جولاءِ جي مرڪزي پروگرام ۾ خاص شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. ان موقعي تي غلام محمد صفي چيو ته 19 جولاءِ ڪشميري عوام جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ فيصلي جوڳو ڏينهن آهي جيڪو رياست ڄمون ڪشمير جي عوام پاڪستان سان تاريخي، سياسي ۽ نظرياتي تعلق جي علامت آهي. هن چيو ته ان منعقد ٿيندڙ ريلي جو مقصد ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ، ڪشميري عوام جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ عالمي برادري جوڌيان ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻي ۽ پائيدار حل طرف ڏيارڻ آهي. مولانا عطا الله شهاب چيو ته 19 جولاءِ جي مرڪزي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي ۽ ساڻن هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. ملاقات گڏيل اعتماد جي ماحول ۾ ختم ٿي. ٻنهي طرفان ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ڪشمير مسئلي کي موئثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ، ڪشميري عوام جي جائز جدوجهد کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديو.












