اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي عوامي جمهوريه لائوس جي پرڏيهي وزير ٿونگساوان فونگ ويهاني سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي عوامي جمهوريه لائوس جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي. هن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي شنگهائي ۾ عوامي جمهوريه لائوس جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي عوامي جمهوريه لائوس جي پرڏيهي وزير ٿونگساوان فونگ ويهاني سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته شنگهائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪانفرنس جي موقعي تي عوامي جمهوريه لائوس جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ٿي. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ لائوس جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ان سان گڏوگڏ علائقائي ۽ گهڻ رخي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آسيان سان وڌيڪ ويجهي رابطي ۽ موثر تعاون جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.











