وزيراعظم پاران بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 24 دهشتگرد مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انٽيليجنس تي جي بنياد تي ڪامياب ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته تازن دهشتگرد حملن، خاص طور …

اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ انٽيليجنس تي جي بنياد تي ڪامياب ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 24 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته تازن دهشتگرد حملن، خاص طور تي بنون ۾ پوليس ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻن حملن جي ذميوار عنصرن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون بروقت ۽ موثر ڪارروائيُون ساراهه جوڳيُون آهن. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن سان گڏ آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسُور ۽ ان جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو ۽ اهڙن بزدلاڻن حملن ۾ ملوث سڀني عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں