اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف ڪارروايون منطقي انجام تائين پهچايون وينديون. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته فتنه …
صدر پاران بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بنون ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف ڪارروايون منطقي انجام تائين پهچايون وينديون. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته فتنه الخوارج جي 24 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت، عزم ۽ قربانين جو مظهر آهي. هن چيو ته معصوم شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائيندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. صدر چيو ته قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.










