نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي چين جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي قيام جي موقعي تي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پنجاب جي وڏي وزير جو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ۽ خاص قدمن بابت صلاحڪار علي …

شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي قيام جي موقعي تي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب، نائب وزيراعظم سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پنجاب جي وڏي وزير جو آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ۽ خاص قدمن بابت صلاحڪار علي مصطفيٰ ڊار، پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جو چيئرمين بلال بن ثاقب، پرڏيهي معاملن واري وزارت جو (ايشيا پيسفڪ) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد اسد علي گيلاني ۽ چين ۾ پاڪستان جو ناظم الامُور اعزاز خان به موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي وسيع رُخن جو جائزو ورتو. انهن گڏيل ڀائيواري جي مسلسل مضبوطي ۽ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان- چين سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ گہرو ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌُرين سي پيڪ 2.0 تحت اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل معيشت ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ عملي تعاون ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران خطي ۽ دنيا جي تازي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ مسلسل مُشاورت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ طرفي فورمن ۾ تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي پُڻ ورجايو. ملاقات پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان سان گڏ اها ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ جدت تي ٻڌل ترقي، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل عزم جو به مظهر آهي.

مزید خبریں