شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي موقعي تي انڊونيشيا جي اقتصادي معاملن واري وزير سان ملاقات تي خوش ٿي: اسحاق ڊار

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته کيس شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي موقعي تي پنهنجي دوست، انڊونيشيا جي اقتصادي معاملن واري وزير ايرلانگا هرتارتو سان ملاقات ڪري خوش ٿي آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، نائب وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي …

اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته کيس شنگھائي ۾ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي موقعي تي پنهنجي دوست، انڊونيشيا جي اقتصادي معاملن واري وزير ايرلانگا هرتارتو سان ملاقات ڪري خوش ٿي آهي. جمعي ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، نائب وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ان کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رُخن معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان ڊسمبر 2025ع ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي پاڪستان جي تاريخي دوري دوران طئه ٿيل مفاهمتن تي عملدرآمد، اهم معاشي ۽ ترقياتي نتيجن جو پڻ جائزو ورتو ۽ ان عزم کي ورجايو ته انهن کي ٻنهي ڀائر ملڪن لاءِ عملي ۽ ٺوس نتيجن ۾ تبديل ڪيو ويندو.

مزید خبریں