اسلام آباد - 16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته هو خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجي فعال ثالثي جي ڪوششن تان پٺتي هٽي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻيهر وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) امن، گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ هڪ پائيدار ۽ …
ثالثي جو عمل هن وقت شديد چئلينجز ۾ ورتل آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو ته هو خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجي فعال ثالثي جي ڪوششن تان پٺتي هٽي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻيهر وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) امن، گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ هڪ پائيدار ۽ انتهائي موثر نمونو (ٽيمپليٽ) آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هتي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته اها حقيقت آهي ته ثالثي جو عمل هن وقت شديد چئلينجز ۾ ورتل آهي ڇو ته ڇڪتاڻ وڌائڻ جي سوچ غالب آهي جڏهن ته اسان کي اميد آهي ته آخرڪار امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت ان رجحان تي غالب اچي ويندي، امن جو عمل ڪڏهن به ختم نه ٿو ٿئي، جيتوڻيڪ ان کي وقتي طور تي پس منظر ۾ رکي سگهجي ٿو پر اهو سدائين قابل عمل رهي ٿو. هن چيو ته جڏهن لاڳاپيل ڌر ان نتيجي تي پهچندي ته ڇڪتاڻ جو اهو سلسلو پنهنجي حد تي پهچي چڪو آهي ته امن طرف واپسي جي رهنمائي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ فراهم ڪيل فريم ورڪ ۽ 22 جون 2026ع جي پاڪستان – قطر گڏيل پڌرنامي ۾ ڏنل روڊ ميپ سان حاصل ڪئي ويندي. پاڪستان پاران وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو ورجاءُ ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي جي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتي ذريعن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعلى ترين سطح تي مسلسل متحرڪ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. هن آبنائي هرمز جي صورتحال جي عالمي معيشت ۽ توانائي جي تحفظ خاص طور تي اسرندڙ ملڪن تي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي حالتن کي جلد معمول تي آڻڻ ۽ عالمي سامونڊي اچ وڃ جي آزاداڻي بحالي تي زور ڏنو. ترجمان طاهر حسين اندرابي ميڊيا کي پاڪستان جي اعلى سطحي سفارتي سرگرمين کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر تي تازن حملن کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ٽيليفون تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ڳالهه ٻولهه ۾ تازي امن ڪوششن جي ثمرن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڏنو ۽ صدر مسعود پزشڪيان جي پاڪستان جي تازي دوري دوران ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. روچڊيل گرومنگ گينگ جي سربراهه شبير احمد جي برطانيا مان آزادي ۽ امڪاني بي دخلي بابت سوال جي جواب ۾ ترجمان ٻارن جي جنسي استحصال جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهو مڪمل طور تي برطانيا جو اندروني معاملو آهي. هن چيو ته لاڳاپيل شخص برطانوي شهري آهي، برطانيا ۾ ئي رهندو هو ۽ ان کي برطانوي عدالت سزا ٻڌائي هئي. ترجمان موجب ان معاملي جي ذميواري انهي معاشري تي لاڳو ٿئي ٿي جتي هو وڌيو ويجهيو، ان جي تربيت ٿي ۽ بدقسمتي سان هو گمراهه ٿيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان حڪومت جو ان معاملي سان ڪنهن به نوعيت جو ڪو تعلق نه آهي، ان شخص جي آزادي يا برطانوي قانون تحت ان سان ڪيل اڳتي ڪنهن به قانوني قدم سان پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ ڳنڍي نه ٿو سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي ڀارتي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنسي (اين آءِ اي) پاران 1996ع جي هڪ ڪيس ۾ سينيئر حريت اڳواڻن جي خلاف تازو ئي داخل ڪيل چارج شيٽ کي رد ڪندي ان کي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪيل سياسي محرڪات تي ٻڌل قدم قرار ڏنو. فنانشل ٽائيمز پاران بلوچستان ۾ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي بابت رپورٽ تي ردعمل ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ان حوالي سان مسلسل ۽ فعال رابطو موجود آهي ۽ ميزبان ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان پنهنجي چيني مهمانن، ماهرن ۽ ڪارڪنن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو پابند آهي. ترجمان سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان سيپٽمبر 2025ع ۾ طئي ٿيندڙ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي سميت سمورن ٻطرفي معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. آمريڪا سان واپاري ڳالهه ٻولهه بابت سوال تي ترجمان جيڪو پاڪستاني وفد جو حصو به هو، ٻڌايو ته واشنگٽن ۾ آمريڪي واپاري نمائندي ۽ آمريڪي واپار واري اداري جي عملدارن سان ٿيندڙ گڏيل واپاري ڳالهه ٻولهه ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. ان ڳالهه ٻولهه جو مقصد پاڪستاني روانگي واپار کي متنوع بڻائڻ ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ آهي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان طورخم سرحد جي رستي گڏيل قومن جي اٽڪل 45 کان 50 امدادي گاڏين کي افغانستان وڃڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي جڏهن ته اتي ڦاٿل پاڪستاني شاگردن جي وطن واپسي پڻ ممڪن بڻائي. جڏهن ته هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ حقيقي اڳڀرائي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين افغان عبوري عملدار لکت ۾ ۽ قابل تصديق خاطري نه ٿا ڪرائين ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن جي منصوبابندي يا معاونت جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. ترجمان افغانستان جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ شموليت جي راهه ۾ پاڪستان پاران ڪنهن به رڪاوٽ جي ترديد ڪندي چيو ته تنظيم جي ميمبرشپ جي لاءِ سڀ کان پهرين ميمبر ملڪن سان باضابطا سفارتي لاڳاپن جو هجڻ ضروري آهي. بلوچستان ۾ دهستگرد حملن جي ڀارتي ميڊيا پاران کلي عام واکاڻ ۽ تشهير تي تنقيد ڪندي ترجمان چيو ته ڀارت نه رڳو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي کليل حمايت ڪري ٿو پر ان تي خوشي به ملهائي ٿو جڏهن ته ٻئي طرف افغانستان ۾ آمريڪا جي مبينا ڳجهي حمايت جا بي بنياد الزام به هڻندو رهي ٿو. جاپان ۽ ڀارت جي گڏيل پڌرنامي ۾ پاڪستان مان مبينا سرحد پار دهشتگردي جو ذڪر ڪرڻ بابت سوال تي ترجمان چيو ته پاڪستان سفارتي ذريعن سان جاپاني حڪومت کي باضابطا ۽ سخت احتجاج (ڊيمارش) رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ پنهنجي شديد ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا، خوشگوار ۽ گهڻ رخا لاڳاپا قائم آهن جيڪي عالمي امن ۽ ترقي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن، ڀارت سان ٻطرفي ملاقاتن دوران ڀارتي ڌر مسلسل دٻاءُ وجهي اهڙي هڪطرفي ۽ بدنيتي تي ٻڌل لفظ گڏيل پڌرنامن ۾ شامل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ئي حربو هو ٻين ملڪن سان پڻ اختيار ڪري ٿو. ترجمان چيو ته جاپاني حڪومت کي واضح طور تي آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهڙي نوعيت جي زبان زميني حقيقتن سان مڪمل طور تي ٽڪراءُ ۾ آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان جي بي مثال قربانين ۽ خدمتن کي نظرانداز ڪري ٿي. ڀارت جي سڀ کان وڏي ائٽمي ري ايڪٽر ۾ مبينا حفاظتي خرابي بابت عالمي ميڊيا رپورٽس تي ترجمان چيو ته اهڙا اطلاع حيران ڪندڙ نه آهن، ڇو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان ڀارت جي ائٽمي تحفظ، سلامتي جي معيارن ۽ عدم ڦهلاءُ (نان پروليفريشن) جي رڪارڊ تي سوال اٿاريندو آيو آهي، خاص طور تي ڀارتي بليڪ مارڪيٽ ۾ غيرقانوني ائٽمي مواد جي بار بار برآمدگي جي واقعن جي ڏس ۾. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته حڪومت پنٽ لينڊ ۾ صومالي قزاقن جي يرغمال بڻايل پاڪستاني شهرين جي آزادي جي لاءِ مختلف قومي ادارن، ٻطرفي ۽ گهڻ رخي سفارتي ذريعن جي ذريعي سرگرم ڪوششون ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ آپريشنل ۽ انتظامي نوعيت جا نمايان چئلينجز موجود آهن. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان 30 جون تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1540 تي عملدرآمد بابت پنهنجي ستين قومي رپورٽ گڏيل قومن ۾ جمع ڪرائي، جيڪا هڪ ذميوار ائٽمي رياست جي طور تي پاڪستان جي مضبوط قانوني ڍانچي، موثر جسماني تحفظ ۽ برآمدي ڪنٽرول جي نظام جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻين سفارتي سرگرمين جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 جولاءِ تي دوحه جو دورو ڪيو جتي هن قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هن وقت چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي جتي هو پاڪستان پاران چين جي تعاون سان قائم ٿيندڙ ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪندو.










