اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي ڪري وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن، صلاحيت ۽ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ ايمرجنسي رليف بابت ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر اربع ڏينهن هتي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جي …
وزيراعظم پاران موسمياتي تبديلي جي ڪري وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن، صلاحيت ۽ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موسمياتي تبديلي جي ڪري وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن، صلاحيت ۽ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ ايمرجنسي رليف بابت ڪوآرڊينيٽر ٽام فليچر اربع ڏينهن هتي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجُود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم دنيا ۾ مُشڪل انساني بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي انساني معاملن جي ڪوآرڊينيشن آفيس (او سي ايڇ اي) پاران ڪيل قيمتي خدمتن جي واکاڻ ڪئي. هن خاص طور تي 2022ع جي تباهي ڪندڙ ٻوڏ دوران پاڪستان جي مدد تي او سي ايڇ اي جا ٿورا ادا ڪيا ۽ مُلڪ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اداري جي تعاون کي قدر جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قومي ۽ صوبائي ادارن گذريل سالن دوران موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي پنهنجي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، تنهن هوندي به، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلين سان وڌندڙ خطرن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ تياري، مزاحمتي صلاحيت ۽ هر سطح تي گڏيل رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٽام فليچر ملاقات تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪندي پاڪستان ۽ او سي ايڇ اي جي وچ ۾ گُذريل سالن کان جاري ويجهي تعاون کي ساراهيو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پائيدار امن جنگين سان پيدا ٿيندڙ انساني ۽ معاشي بحرانن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ بنياد فراهم ڪري ٿو. ملاقات دوران، ٽام فليچر وزيراعظم کي غزه ۾ انساني صورتحال ۽ اتي پنهنجي امدادي سرگرمين دوران او سي ايڇ اي کي ايندڙ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. هن افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ او سي ايڇ اي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مسلسل تعاون کي به ساراهيو. وزيراعظم ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان عالمي انساني تعاون جي فروغ، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ متاثر ۽ ڪمزور طبقن تائين امداد جي بروقت فراهمي جي لاءِ گڏيل قومن ۽ او سي ايڇ اي سان پنهنجو ويجهو تعاون جاري رکندو.












