اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم اتي راڻا مشهود احمد خان جي آجيان ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب راڻا مشهود احمد خان آمريڪا جي دوري دوران اهم سرڪاري ۽غير سرڪاري مصروفيتن ۾ شرڪت ڪندو. دوري دوران پاڪساني نوجوانن …
وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم اتي راڻا مشهود احمد خان جي آجيان ڪئي. اربع ڏينهن وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب راڻا مشهود احمد خان آمريڪا جي دوري دوران اهم سرڪاري ۽غير سرڪاري مصروفيتن ۾ شرڪت ڪندو. دوري دوران پاڪساني نوجوانن لاءِ تعليم، هنرمندي، روزگار ۽ عالمي تعاون جي نون موقعن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. هو يوٿ ڊولپمينٽ ادارن سان امڪاني حصيداري تي به ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني نوجوانن ۽ پاڪستاني برادري جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو، ملاقاتن ۾ پاڪستان جي نوجوان آبادي کي بااختيار بڻائڻ لاءِ حڪومت قدمن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي منصوبن کي اجاگر ڪيو ويندو. دوري جو مقصد پاڪستاني نوجوانن لاءِ عالمي شراڪتداري، علمي مٽاسٽا ۽ پيشيواراڻن موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. راڻا مشهود احمد خان آمريڪا ۾ مختلف فورمز تي پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن ۽ قومي ترقي ۾ سندن ڪردار کي اجاگر ڪندو. هو آمريڪا ۾ گڏيل قومن ۾ هاءِ ليول پوليٽيڪل فورم کي پڻ خطاب ڪندو.












