آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سمر ڪيمپ منعقد

راولپنڊي - 15 جولاءِ(اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين  لاءِ سمر ڪيمپ 2026ع جو بندوبست ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ سڄي پاڪستان جي 18 کان وڌيڪ اسٽيشنز  تان 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيون. آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع تحت شاگردن جي لاءِ الغزالي يونيورسٽي جي چانسلر مفتي عبدالرحيم …

راولپنڊي – 15 جولاءِ(اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ سڄي پاڪستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين  لاءِ سمر ڪيمپ 2026ع جو بندوبست ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ سڄي پاڪستان جي 18 کان وڌيڪ اسٽيشنز  تان 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيون. آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع تحت شاگردن جي لاءِ الغزالي يونيورسٽي جي چانسلر مفتي عبدالرحيم سان خاص ويهڪ جو بندوبست ڪيو  ويو. چانسلر مفتي عبدالرحيم شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ رياست ۽ پاڪ فوج  جي اهميت کي سمجهڻ هر شهري جي ذميواري آهي.  پاڪستاني رياست خلاف بي بنياد پروپيگنڊه قومي مفادن کان انڪاري آهي، نوجوان مستند ڄاڻ کي ترجيح ڏين. پاڪ فوج جي ديانتداري، نظم و ضبط، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ وطن سان وفاداري تعريف جوڳي آهي. پاڪستان دهشتگردي خلاف هڪ فيصلائتي جنگ وڙهي رهيو آهي. قومي اتحاد ۽ يڪجهتي ئي ڪاميابي جي ضمانت آهي. هن چيو ته خوارجي دين جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن خلاف ئي فتنه ۽ فساد پکيڙي رهيا آهن.