اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي آگسٽ ۾ ترسيل لاءِ سودا 1.98 ڊالر اضافي سان 80.12 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جا سيٽپمبر ۾ ترسيل جي معاهدي …
ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو، جنسن جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) عالمي منڊين ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ سون جي قيمتن ۾ اضافو جڏهن ته جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. بلوم برگ جي رپورٽ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جي آگسٽ ۾ ترسيل لاءِ سودا 1.98 ڊالر اضافي سان 80.12 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جا سيٽپمبر ۾ ترسيل جي معاهدي 2.65 ڊالر اضافي سان 85.95 ڊالر في بيرل ۾ ٿيا. سون ۽ چانڊيءَ جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو ۽ سون جي قيمت 20.40 ڊالر اضافي سان 4026.10 ڊالر في اونس ۽ چاندي جي قيمت 0.37 ڊالر جي عموعي اضافي سان 58.35 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي. ڪاروباري سرگرمين دوران مڪئي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مڪئي جي ڊسمبر ۾ ترسيل جي معاهدي 5.50 ڊالر گهٽتائي سان 457.75 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي سيپٽمبر ۾ ترسيل لاءِ معاهدي 2.25 ڊالر گهٽتائي سان 633 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.










