وزيراعظم پاران سعودي عرب تي حملن جي شديد مذمت، سعودي عرب جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي پُختي حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب تي حملن جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گ ذريل رات ڀائر ملڪ سعودي عرب تي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙا مذمت جوڳا …

اسلام آباد ۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب تي حملن جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گ ذريل رات ڀائر ملڪ سعودي عرب تي ڪيل حملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اهڙا مذمت جوڳا قدم سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي واضح خلاف ورزي آهن ۽ ان سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچڻ جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي جي لاءِ پنهنجي پُختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ان نازڪ وقت ۾ ڀائر ملڪ سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام، سلامتي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين مخلصاڻين ڪوششن جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.

مزید خبریں