اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ جاري آپريشن شعبان دوران وڌيڪ ڪاميابين جي تعريف ڪندي چيو آهي، ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ غير معمولي ڪاميابيون تعريف …
فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي: گهرو معاملن وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ جاري آپريشن شعبان دوران وڌيڪ ڪاميابين جي تعريف ڪندي چيو آهي، ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ۾ غير معمولي ڪاميابيون تعريف جوڳيون آهن، سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائين ۾ وڌيڪ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. دهشتگردن جي خاتمي تائين فورسز جو گڏيل آپريشن جاري رهندو، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور خلاف پنهنجي بهادر جوانن سان گڏ بيٺل آهي.










