اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل مملڪت سعودي عرب تي حوثي گروه پاران ڪيل بيلسٽڪ ميزائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام خلاف هڪ ناقابل قبول جارحيت قرار ڏنو آهي. پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي طرفان جاري …
پاڪستان علماءُ ڪائونسل ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل پاران حوثين جي سعودي عرب تي بيلسٽڪ ميزائيل حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل مملڪت سعودي عرب تي حوثي گروه پاران ڪيل بيلسٽڪ ميزائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن، سلامتي ۽ استحڪام خلاف هڪ ناقابل قبول جارحيت قرار ڏنو آهي. پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي طرفان جاري بيان ۾ ٻنهي تنظيمن سعودي هٿياربند فوج کي حملي کي وقت سر ۽ ڪاميابي سان ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اها ڪاميابي سعودي عرب جي مضبوط، موثر ۽ جديد دفاعي نظام جو واضح ثبوت آهي. بيان ۾ حوثين تي زور ڀريو ويو ته هو فوري طور تي ارض حرمين شريفين، سعودي عرب خلاف هر قسم جي جارحيت ۽ دشمناڻين ڪارروائين کان پاسو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪن جنهن سان حرمين شريفين جي تقدس، مملڪت جي سلامتي، امن ۽ استحڪام کي خطرو لاحق هجي. پاڪستان علماءَ ڪائونسل ۽ انٽرنيشنل تعظيم حرمين شريفين ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو سعودي عرب جي دفاع، سلامتي، خودمختياري ۽ استحڪام جي تحفظ لاءِ سعودي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ ڀرپور تعاون جو اظهار ڪن ٿا. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته سعودي عرب خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت ناقابل قبول آهي ۽ ٻنهي تنظيمن چيو ته خطي ۾ امن، استحڪام ۽ حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ سعودي عرب جي سمورن جائز ڪوششن جي ڀرپور حمايت جاري رکنديون.











