ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن جا راولاڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملا

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن راولاڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهين تي حملا ڪيا آهن. فائرنگ سبب رينجرز جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو. ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن ناپاڪ ايجنڊا جي ناڪامي کان پوءِ اڱاري جي صبح متيال ميره بس ٽرمينل راولاڪوٽ ويجهو شهري آبادي تي به فائرنگ ڪئي. فائرنگ جو مقصد عوام کي چڙ ڏيارڻ …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن راولاڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عام شهين تي حملا ڪيا آهن. فائرنگ سبب رينجرز جو هڪ اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو. ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن ناپاڪ ايجنڊا جي ناڪامي کان پوءِ اڱاري جي صبح متيال ميره بس ٽرمينل راولاڪوٽ ويجهو شهري آبادي تي به فائرنگ ڪئي. فائرنگ جو مقصد عوام کي چڙ ڏيارڻ ۽ ڌرڻي کي طاقت وٺائڻ آهي. بزدلاڻي ڪارروائي کان پوءِ پوليس امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرو ڪرڻ لاءِ پيش قدمي ڪئي ته هٿياربند جٿن پوليس کي آٽوميٽڪ هٿيارن ۽ گولا بارود سان به نشانو بڻايو.  پوليس جي مدد لاءِ مقرر رينجرز جي نفري به امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موقعي تي پهچي وئي، جنهن تي ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربندن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي نه رڳو جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي پر ڌماڪيدار مواد به استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز جو هڪ اهلڪار شهيد، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. ماهرن موجب شاهديون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي منظم انداز ۾ رياستي رِٽ کي چئلينج ڪرڻ واري ايجنڊآ تي ڪاربند آهي، ان واقعي سان سندن هٿ ٺوڪي پرامن جدوجهد جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو آهي. هنن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي بحالي ۽ رياستي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند جٿن خلاف فيصلائتو سيڪيورٽي آپريشن ضروري آهي.

مزید خبریں