اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) صفر المظفر 1448هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جو اجلاس اربع تي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد اسلام آباد جي زونل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو. چنڊ جي رويت جي حوالي …
صفر المظفر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جو اجلاس اربع تي ٿيندو: مذهبي معاملن واري وزارت
اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) صفر المظفر 1448هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻين ڪميٽين جو اجلاس اربع تي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل هنڌن تي ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد اسلام آباد جي زونل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ۾ ٿيندو. چنڊ جي رويت جي حوالي سان سڄي ملڪ مان ملندڙ اطلاعن کي نظر ۾ رکندي اعلان مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ڪندو.










