نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ جيريا جي ملاقات

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ جيريا ملاقات ڪئي، هُن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن کي فروغ، …

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار مشيل باشليٽ جيريا ملاقات ڪئي، هُن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن کي فروغ، عالمي قانون ۽ عالمي معاهدن جي احترام لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ پُختي عزم کي ورجايو. هُن عالمي ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ گڏيل قومن جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته اداري کي اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن ۽ ترجيحن مُوجب موثر ۽ جوابده رهڻ گهرجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پائيدار عالمي امن جي قيام لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مڪمل ۽ ايمانداراڻي عملدرآمد ذريعي عالمي تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي ۽ فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي اهميت کي اجاگر ڪيو. مشيل باشليٽ-جيريا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو ۽ گڏيل قومن جي لاءِ گذريل سالن جي دوران پاڪستان جي قيمتي خدمتن ۽ نمايان ڪردار جي تعريف ڪئي.

مزید خبریں