نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي ٻارن، عورتن ۽ سماجي ڀلائي واري وزير ڊاڪٽر اي زيڊ ايم زاهد حسين جي ملاقات

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي ٻارن، عورتن ۽ سماجي ڀلائي واري وزير ڊاڪٽر اي زيڊ ايم زاهد حسين ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي نائين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ …

اسلام آباد۔ 14 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي ٻارن، عورتن ۽ سماجي ڀلائي واري وزير ڊاڪٽر اي زيڊ ايم زاهد حسين ملاقات ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ عورتن بابت او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي نائين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان اچڻ تي ڊاڪٽر زاهد حسين کي ڀليڪار چئي. هن ڪانفرنس ۾ بنگلاديش جي شرڪت کي ساراهيندي او آءِ سي جي فريم ورڪ ۽ ان کان اڳتي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي فروغ جي حوالي سان پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گذريل سال آگسٽ ۾ پنهنجي ڍاڪا جي دوري کي ياد ڪندي پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏين جي لاءِ پاڪستان جي رضامندي کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران، ٻنهي اڳواڻن واپار، تعليم، سماجي ڀلائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں