اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم دنيا کي درپيش موجوده مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مذهبي مڪالمي جي حوالي سان مسلم ورلڊ ليگ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسى وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسى جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم دنيا کي درپيش موجوده مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مذهبي مڪالمي جي حوالي سان مسلم ورلڊ ليگ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسى وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي ميمبر فرح ناز اڪبر، زيب جعفر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل سان گڏ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي به هو. وزيراعظم ڊاڪٽر العيسى جي شاندار آجيان ڪئي ۽ 12 – 13 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ منعقد عورتن بابت او آءِ سي جي وزارتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ان جا ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم اسلام جي حقيقي ۽ معتدل تشخص کي اجاگر ڪرڻ، مسلمان امت ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا ۾ ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو پيغام عام ڪرڻ ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيو. ان سلسلي ۾ هن ليگ جي عالمي سطح تي سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ ۾ سيڪريٽري جنرل جي ذاتي قيادت جي واکاڻ ڪئي ۽ تنظيم جي قدمن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم مسلم دنيا کي درپيش موجوده مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مذهبي مڪالمي جي حوالي سان مسلم ورلڊ ليگ جي ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو. انهن مسئلن ۾ ايران ۽ نار ملڪن جي وچ ۾ خطي جي موجوده صورتحال، غزه ۾ فلسطينين جون مشڪلاتون ۽ سڄي دنيا ۾ مسلم برادرين کي درپيش ٻيا چئلينجز شامل آهن. هن ڊاڪٽر العيسى جي پاڪستان جي گذريل دورن ۽ ان جي خدمتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ اسلام آباد ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي سربراهي اجلاس جو انعقاد پڻ شامل آهي. هن تعليم، بين المذاهب ڳالهه ٻولهه ۽ انتهاپسندي ۽ اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي وچ ۾ جاري تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ پنهنجي احترام جي جذبن ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر العيسى پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اسلامي دنيا ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن مذهبي، تعليمي ۽ انساني معاملن ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ “مسلم ورلڊ ليگ” جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊاڪٽر العيسى خطي ۾ امن جي تازين ڪوششن ۾ وزيراعظم جي اهم ڪردار کي ساراهيندي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي سلسلي ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ خدمتن کي پڻ ڀرپور ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا ۽ گڏيل ترجيحن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق جن ۾ پاڪستان ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن ۽ قدمن جي جلد تڪميل شامل آهي.










