وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو اجلاس

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو چوٿون اجلاس پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي بهترين طريقيڪار ۽ موجوده عالمي مارڪيٽ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آبناءِ هرمز …

اسلام آباد- 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪميٽيءَ جو چوٿون اجلاس پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي بهترين طريقيڪار ۽ موجوده عالمي مارڪيٽ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آبناءِ هرمز جي تازي بندش سبب عالمي توانائيءَ جي مارڪيٽن ۾ پيدا ٿيل غير يقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪميٽي جون ذميداريون وڌيڪ اهم بڻجي ويون آهن. هن چيو ته پي ايم جي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ترڪيه جي ڀيٽ ۾ گهٽ جڏهن ته ڀارت جي ويجهو آهن. هن ٻُڌايو ته حڪومت ريفائنري پاليسيءَ ۾ ترميمن جي تجويز ڏني آهي ته جيئن ملڪ ۾ ڊيزل جي مقامي پيداوار وڌائي سگهجي، درآمدي ڊيزل تي ڀاڙڻ گهٽ ٿئي ۽ قومي توانائي جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي مختلف طريقيڪارن تي  غور ڪيو ويو. ڪميٽي فوري قدمن طور سفارش پيش ڪئي ته اوگرا پنهنجي ويب سائيٽ تي روزانو جي بنياد تي پلاٽس جي قيمتن جي ڊيٽا جاري ڪري ته جيئن عوام کي پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين جي بنيادي معيار تائين سڌيءَ ريت حاصل ٿئي. ڪميٽيءَ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تازو ئي قائم ڪيل پيٽروليم پرائيس اسٽيبلائزيشن فنڊ کي مڪمل طور تي قاعدن ۽ ضابطن تي ٻَڌل نظام تحت هلايو وڃي، جنهن ۾ فنڊز جي قيام، مالي وسيلن جي فراهمي ۽ ادائگين جو واضح ۽ شفاف طريقڪار موجود هجي ته جيئن ڪنهن به قسم جي صوابديدي فيصلن کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ تيل جي سپلاءِ چين کي ڊجيٽل بنائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڪميٽيءَ جو ايندڙ اجلاس حتمي هوندو جنهن کان پوءِ سفارشون وزيراعظم کي منظوري ۽ غور لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اوگرا چيئرمين، ڪي پي ايم جي ٽيم، ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن، ناڻي وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، پي ايس او، اوگرا ۽ پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں