رياض- 13 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي اعليٰ سطحي وفد سعودي عرب جي انرجي ورڪنگ گروپ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ جٽادار ۽ مضبوط ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي نئون رُخ ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو …
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
رياض- 13 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي اعليٰ سطحي وفد سعودي عرب جي انرجي ورڪنگ گروپ سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ جٽادار ۽ مضبوط ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي نئون رُخ ڏيڻ جي امڪانن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب گڏيل انرجي ورڪنگ گروپ جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد سعودي توانائيءَ واري وزارت جي بجلي جي معاملن جي معاون وزير انجنيئر ناصر القحطاني سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ سعودي توانائي واري وزارت جي معاون محمد الابراهيم ۽ آئل اينڊ گيس بابت نائب وزير ماجد العتيبي پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات دوران عالمي توانائي جي منتقلي، توانائيءَ جي شعبي ۾ بدلجندڙ رجحانن ۽ پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن وارن قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اويس احمد خان لغاري پاڪستان جي پاور سيڪٽر ۾ جامع سڌاراتي پروگرام تي روشني وجهندي ٻُڌايو ته حڪومت اداره جاتي نظم و نسق کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ، شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ، ڊجيٽل تبديليءَ کي تيز ڪرڻ ۽ مالياتي پائيداريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ مربوط قدمن تي عمل ڪري رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت نجي شعبي جي اثرائتي شموپليت ۽ غير ملڪي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته بجلي جي وڌندڙ طلب، قومي گرڊ جي واڌ ۽ صاف توانائي جي مؤثر انضمام لاءِ ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر جي جديد رُخن تي ترقي اڻٽر آهي. اجلاس دوران پاڪستان وفد بجلي جي رسد جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ جي نمايان موقعن کان آگاهه ڪندي قومي ٽرانسميشن گرڊ جي واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي پاور سيڪٽر جاري ڊجيٽلائزيشن خاص ڪري اسمارٽ ميٽرنگ ۽ ايڊوانسڊ ميٽرنگ انفراسٽرڪچر کي لاڳو ڪرڻ بابت قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير انهن قدمن کي فني ۽ واپاري نقصانن ۾ گهٽتائي، نظام جي آپريشن سگهه ۾ واڌ ۽ صارفين کي بهتر خدمتن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وفاقي وزير پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سعودي انرجي ورڪنگ گروپ کي پاڪستان جي دؤري جي باضابطه دعوت ڏني ته جئين هو پاور سيڪٽر ۾ جاري سڌارن جو سڌيءَ ريت مشاهدو ڪري سگهن ۽ ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر، ڊجيٽلائزيشن ۽ اسمارٽ يوٽيلٽي ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري جي ترجيحي موقعن جو جائزو وٺي سگهجي. ملاقات ۾ ٻنهي وفدن توانائي جي شعبي ۾ ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ، اڄ ٿيل ڳالهين کي عملي سهڪار ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي، توانائيءَ جي تحفظ ۽ علائقائي سهڪار جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن هڪ مضبوط، جديد ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل توانائي جي مستقبل لاءِ گڏيل ويزن جو به ورجاءُ ڪيو.










