اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سومر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر ويو ۽ قطر رياست جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران قطر رياست جي قيادت ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سومر ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي قطر ويو ۽ قطر رياست جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي لاڏاڻي تي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران قطر رياست جي قيادت ۽ عوام سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اڳوڻو وزيراعظم محمد نواز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ مرحوم جي گرمجوشي، شفقت ۽ پراڻي محبت کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس پاڪستان جي ڪيترن ئي يادگار دورن کي پڻ قدر ۽ منزلت سان ياد ڪيو. وزيراعظم گهري صدمي جي ان گهڙيءَ ۾ قطر جي قيادت ۽ عوام سان پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي. هن قطر جي شاهي خاندان ۽ قطر جي ڀائر عوام جي لاءِ پڻ دعا ڪئي ته الله تعالى انهن کي هي ناقابل تلافي صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قطر جي امير وزيراعظم محمد شهباز شريف، اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستاني وفد جا ذاتي طور تي دوحه اچي تعزيت ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ان جذبي کي ٻنهي ڀائر ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر قرار ڏنو.










