اسلام آباد - 13 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار ڪيرولين روڊريگز برڪٽ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي تعاون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن …
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار ڪيرولين روڊريگز برڪٽ جي ملاقات
اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار ڪيرولين روڊريگز برڪٽ ملاقات ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي تعاون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو اظهار ڪيو. هن عالمي قانون ۽ معاهدن جي احترام کي يقيني بڻائڻ ۽ خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار ۽ فلسطين جي صورتحال جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ديانتداري سان عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن کي موثر انداز ۾ پورو ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدمن جي پڻ ضرورت تي زور ڏنو.











